باڊھه ( ن پ ا ) باڊھه ڀرسان ڳوٺ ڌڙا جو رهواسي پنجين ڪلاس جو شاگرد ضامن سومرو  روڊ حادثي ۾ دماغ ۾ ڌڪ لڳڻ سبب  پنهنجي گهر ۾ پيل آهي.نينگر جي والد پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته پٽ پنجين ڪلاس ۾ پڙهندو آھي، پنھنجي ڪلاس جو مانيٽر پڻ آھي،هن چيو ته حادثي ۾ پٽ کي دماغ ۾ ڌڪ لڳو، غربت سبب ان جو علاج نه ٿو ڪرائي سگهان.هن چيو ته نينگر کي دماغ ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري ڳالھائڻ جي سگهه پڻ وڃائي ويٺو آھي ۽ هو کائي ۽ پي به نه ٿو سگهي کيس سرنج جي ذريعي کاڌو ڏنو ٿو وڃي،ڊاڪٽر چون ٿا ته  ضامن جي علاج تي لکين روپيا خرچ ايندو، پٽ جو علاج نه ٿو ڪرائي سگهان ، شاگرد جي والد وس وارن کي اپيل ڪئي آھي ته سندس بيمار پٽ جو علاج ڪرايو وڃي ته جيئن سندس حياتي بچي سگهي ۽ هو صحتمند ٿي پنهنجي تعليم جاري رکي سگهي.