ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان جي مقامي هال ۾ اسڪولن جي طرفان پهريون ڀيرو گڏيل ثقافتي تعليمي فيسٽيول منعقد ڪري سنڌي ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ ثقافتي رنگ رنگي شاگردن ۽ شاگردياڻين قومي لباس اجرڪ ٽوپين ، پٽڪن سان قومي گيت ، اسٽيج ڊراما منعقد ڪري سنڌي ثقافت ، تهذيب ، ٻولي کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ ٽيبلوز پيش ڪيا ويا ، سنڌي ثقافتي سگهڙن جي ڏورن ، بيتن جا پروگرام ترتيب ڏيئي سنڌي ٻولي تي تقريري مقابلا منعقد ڪيا ويا ، فيسٽيول ۾ صوفياڻي راڳ ۾ لوڪ فنڪارن ۽ راڳين پنهنجي راڳ سان محفل ۾ صوفياڻي ڪلامن ذريعي آيل شائقين کي جهومائي ڇڏيو ، فيسٽيول ۾ ثقافتي رنگن سان مختلف اسٽالن جي نمائش ڪرائي وئي، جوڳين مرلين سازن سان نانگ کڻي صوفياڻا ڪلام ٻڌايا ۽ زنده نانگن جي نمائش پڻ ڪرائي . ان موقعي تي پروفيسر محمد علي ملڪ، انور علي ڀٽي، ڊاڪٽر اقبال ميمڻ،  ۽ ٻين خطاب ڪيو .