ٽنڊو آدم ۾ پ پ ايم اين اي روشن جوڻيجو جي ڀاءُ طرفان بين الصوبائي جوا جو اڏو هلائڻ جو انڪشاف

0
897

ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ۾ پ پ ايم اين اي روشن جوڻيجو جي ڀاءُ طرفان بين الصوبائي جوا جو اڏو هلائڻ جو انڪشاف، سانگهڙ ضلعي جي مختلف ٿاڻن جَي پوليس طرفان جوا جي اڏي تي ڇاپو، ايم اين اي جَي ڀاءُ ۽ جوا اڏي جي مالڪ اڪبر جوڻيجو سوڌو 31 جوابدار گرفتار، اڏي تان لکين رُپيا روڪ، گاڏيون ۽ جوا جو سامان هٿ ڪرڻ جي دعويٰ، اي ايس پي سٽي اياز جتوئي جو چوڻ آهي ته ٽهل آباد پاڙي ۾ هلندڙ جوا جي اڏي تي ڇاپي ۾ 200 کان وڌيڪ اهلڪارن حصو ورتو هو، جوا اڏي جو مالڪ پ پ ايم اين اي روشن جوڻيجو جو ڀاءُ اڪبر جوڻيجو آهي، سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف علائقن جا جواري هتي اچي جوا کيڏندا هئا، سٽي ٿاڻي تي سرڪار انچارج جي مدعيت ۾ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.