ٽنڊوباگو ۾ شاگرد جي بازيابي لاءِ 8 ڪلاڪ ڌرڻو، پوليس طرفان بازياب ٿيڻ جي دعويٰ

0
304

ٽنڊوباگو (رپورٽر) ٽنڊو باگو ۾ اغوا ٿي ويل شاگرد جي وارثن جي 8 ڪلاڪن تائين جاري احتجاج رنگ لاتو، پوليس پاران شاگرد شاهد زنئور بازياب ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

ستين ڪلاس جي شاگرد کي 5 ڏينهن اڳ اغوا ڪيو ويو هو، وارثن اغوا خلاف ٽنڊو باگو- بدين روڊ تي ڌرڻو هنيو هو

پوليس جو چوڻ آهي ته شاگرد کي ڪراچي جي ڀينس ڪالوني مان بازياب ٿيو آهي، سندس اغوا ۾ ملوث جوابدار علي رضا چانڊيو کي به گرفتار ڪيو ويو، نينگر کي اڄ رات ٽنڊو باگو واپس آڻي وارثن حوالي ڪيو ويندو