القادر ٽرسٽ ڪيس: بشريٰ بي بي جي عبوري ضمانت منظور

0
190
جيل ۾ مڙس جي حياتيءَ کي خطرو آهي: بشريٰ بي بي جو سپريم ڪورٽ ۾ حلفي بيان جمع
جيل ۾ مڙس جي حياتيءَ کي خطرو آهي: بشريٰ بي بي جو سپريم ڪورٽ ۾ حلفي بيان جمع

احتساب عدالت القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ بشريٰ بي بي  جي 31 مئي تائين عبوري ضمانت منظور ڪندي نيب کان جواب طلب ڪري ورتو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت  عمران خان جي 8 ڪيسز ۾ 8 جون تائين ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي

عمران خان پنهنجي گهر واريءَ سميت اسلام آباد جڊيشل ڪامپليڪس پهتو ته سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا، بشريٰ بي بي عمران خان سان احتساب عدالت راولپنڊي پهتي، جتي جج محمد بشير ضمانت درخواست تي ٻڌڻي هلائي

 بشريٰ بي بي جي عدالتي ڪمري ۾ حاضري لڳائي وئي، وڪيل خواجا حارث جو چوڻ هو ته بشريٰ بي بي کي ڪو به نوٽيس ناهي مليو،عدالت بشريٰ بي بي جي ضمانت درخواست 5 لک رپين جي مچلڪن عيوض 31 مئي تائين منظور ڪئي

هي به پڙهندا

ماڻهو پاڻ پي ٽي آءِ نه پيا ڇڏين، ڇڏائي پئي وڃي: عمران خان