ٻوڏ: گڏيل قومن پاڪستان جي لاءِ انساني امداد جي اپيل ۾ پنجوڻ تي اضافو ڪري ڇڏيو

0
312

گڏيل قومن موسمياتي تبديلين سبب ايندڙ ٻوڏ جي تباھين کي منھن ڏيندڙ پاڪستان جي لاءِ انساني امداد جي اپيل ۾ پنجوڻ تي واڌ ڪري ڇڏي آھي

گڏيل قومن امداد جي اپيل 16 ڪروڙ ڊالر کان وڌائي 81 ڪروڙ 60 لک ڊالر ڪري ڇڏي آھي، امداد ۾ واڌ جي اپيل جينيوا ۾ اڄ يو اين ۽ پاڪستان جي طرفان گڏيل طور پيش ڪئي ويندي

Pakistan Declares Emergency After Floods Affect More Than 4 Million

رپورٽس موجب گڏيل قومن جي عھديدار جو چوڻ آھي تھ پاڪستان بدترين ٻوڏ بعد پاڻي سبب پيدا ٿيندڙ بيمارين کي منھن ڏئي رھيو آھي جنھن ۾ مدد جي لاءِ امداد ۾ واڌ جي اپيل ڪئي پئي وڃي

پاڪستان جي لاءِ گڏيل قومن جي رابطا آفيسر جوليئن ھارنيس جو جينيوا ۾ بريفنگ ۾ چوڻ ھو تھ ٻوڏ متاثر موت ۽ تباھي جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رھيا آھن، متاثر علائقن ۾ صحت، غزا، پاڻي ۽ صفائي جي ڪمن ۾ جلد حڪومت پاڪستان جي مدد نھ ڪئي وئي تھ ٻارن جي بيمارين ۾ خوفناڪ واڌ ٿي ويندي

ھي به پڙھندا

هن وقت تائين 12 لک کان وڌيڪ متاثرن ۾ راشن جا ٿيلها ورهايا آهن: شرجيل ميمڻ

سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ وبائي بيمارين وگهي اڄ وڌيڪ 11 ڄڻا فوت