اسلام آباد (م ڊ) ٻن سالن ۾ ڏيڍ ڪروڙ شگر جي مريضن جي تصديق، پاڪستان تعداد ۾ دنيا جو ٽيون ملڪ بڻجي ويو، بين القوامي ذيابيطس فيڊريشن (آءِ ڊي ايف) انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان شگر جي مريضن جي تعداد جي حوالي سان دنيا جو ٽيون ملڪ بڻجي ويو آهي، ملڪ ۾ مرض ۾ مبتلا مريضن جو تعداد 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ آهي.