دبئي (م ڊ) صدر عارف علوي چيو آهي ته افغانستان ۾ امن صورتحال خراب ٿيڻ سان پناهگير پاڪستان اچي سگهن ٿا، دبئي ۾ ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان رڳو انساني بنيادن تي افغانستان حڪومت جي مدد ڪري رهيو آهي، افغانستان مان آمريڪا جلدبازي ۾ نڪري ويو، افغان مسئلي جو ڪوبه فوجي حل نه آهي.