ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي)ڪراچي مان هڪ ئي ڪٽنب جا 5 ٻار اغوا، رڪشا ڊرائيور جي مدد سان جوابدار گرفتار، ٻارڙا بازياب، ايس ايس پي ڪياماڙي فداحسين جانوري موجب پوليس اتحاد ٽائون ۾ ڪارروائي ڪري سعيد آباد واري نيول ڪالوني مان اغوا ٿيل هڪ ئي ڪٽنب جي 5 ٻارڙن کي بازياب ڪرائي جوبدار فهيم کي گرفتار  ڪري ورتو آهي. جوابدار پڇاڳاڇا دوران ٻڌايو ته هن پنهنجي زال کي 3 مهينا اڳ طلاق ڏني هئي، ٻارڙن کي غلط نيت سان اغوا ڪيو هو، ايس ايس پي موجب جوابدار ٻارڙن کي ان وقت اغوا ڪيو، جڏهن اهي مدرسي کان واپس گھر وڃي رهيا هئا، اغوا ڪندڙ ٻارڙن جي منتقلي لاءِ 2 رڪشا استعمال ڪيا. ڪارروائي رڪشا ڊرائيور جي مدد سان ڪئي وئي. پوليس جي مدد ڪندڙ رڪشا ڊرائيور سعيد الله جو چوڻ آهي ته جوابدار فهيم ٻارڙن کي رڪشا ۾ ويهاري هلڻ جو چيو، جوابدار مون کي هر وقت اڳتي هلڻ جو چوندو رهيو، منهنجي پڇڻ تي جوابدار چيو ته آئون ٻارڙن جي والد جو دوست آهيان، انهن کي مامن وٽ وٺي پيو وڃان، بعد ۾ پڇڻ تي جوابدار چيو ته هي منهنجا ٻارڙا آهن. رڪشا ڊرائيور موجب جوابدار پاران بيان بدلائڻ تي مون کي پڪ ٿي وئي ته ٻارڙا سندس ناهن، جنهن بعد مون ٻارڙن کا سندن والد جو نمبر ورتو ۽ فون ڪيو، جنهن بعد خبر پئي ته جوابدار ٻارڙن کي اغوا ڪري وٺي وڃي رهيو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته بازياب ڪرايل ٻارڙن ۾ 10 ورهين جي عارفه، 10 سالن جي نورين، 3 سالن جو بلال، 6 سالن جو محمد حسن ۽ 3 سالن جو احسن شامل آهن