ٺٽو_ سجاول پل تي 2 ارب کان وڌيڪ ٿنڀا چوري ڪرڻ وارا هٿ نه آيا

0
295

ڪراچي(م ڊ) ٺٽو_ سجاول پل تي 2 ارب 70 ڪروڙ روپيا ماليت جي بجلي جا ٿنڀا پٽي کڻي ويندڙن جو ڪو به ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو.

80 کان وڌيڪ پولز مان 35 ٿنڀا اڻڄاتل ماڻهو ڪڍي کڻي ويا هئا، جڏهن ته 36 ٿنڀا ڪڍڻ جو بندوبست به ڪيو ويو ۽ انهن جا نٽ بولٽ کوليا ويا آهن.

پوليس جي طرفان هن وقت تائين ڪا به ڪارروائي عمل ۾ ناهي آندي وئي، ميڊيا تي خبرون هلڻ باوجود انتظاميه توڙي پوليس اگهور ننڊ ستل آهي.