ٺل (ن پ ا) ٺل ڀرسان ڳڙھي حسن روڊ تي سڀاڳي لاڙي وٽ موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب نوجوان نورالدين سرڪي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. نوجوان جو لاش اباڻي ڳوٺ ڳڙهي حسن پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو. نوجوان جي وارثن تعلقه اسپتال جي انتظاميا تي الزام هڻندي چيو ته نوجوان تڙپندو رهيو پر انتظاميا ايمبولنس نه ڏني، جنهن ڪري هو فوت ٿي ويو.