جيڪب آباد: پ پ ڌرڻي ۾ نانگ کڻي ايندڙ جيالي کي نانگ ڪکي وڌو

0
914

جيڪب آباد (ن پ ا) سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف پيپلزپارٽي پاران احتجاجي مظاهرو مظاهرو ڪيو ويو، صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي ايم پي اي ٺل ڊاڪٽر سھراب سرڪي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ عورت ڪارڪنن توڙي مردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مظاهرين پريس ڪلب آڏو پھچي ڌرڻو هڻي ڊي سي روڊ مڪمل طور بند ڪري ڇڏيو، پاڻي کوٽ جي لڳل ڌرڻي ۾ وفاقي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، پيپلزپارٽي جي ڌرڻي ۾ ھڪ ڪارڪن رحمت الله کوسو کي نانگ ڪکي وڌو جنهن کي اسپتال پهچايو ويو آهي.