ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاهه ۾ ڳوٺ علي آباد  جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي حاڪم سولنگي، غلام مصطفيٰ سولنگي، ستار سولنگي، حرمت، زرينا ۽ ٻين چيو ته برسات کي ٽي مهينا گذري ويا آھن پر اڃا تائين پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو ويو، هنن چيو ته لاڙڪ اسٽاپ ڳوٺ علي آباد ۽ ان جي  آس پاس جي علائقن  ۾ هن وقت به ٽي کان چار فوٽ پاڻي بيٺل آهي، جنهن کي ڪير به نيڪال ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته پاڻي بيٺل هجڻ سبب ڪڻڪ جو فصل پوکجي نه سگهندو، هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي نيڪال ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي.