راڄوخاناڻي (رپورٽ: ونود ڪمار اداسي) تلھار ۽ ماتلي تعلقن جا ھڪ سئو کان وڌيڪ گرلس ۽ بوائز پرائمري ۽ مڊل اسڪول استاد نه ھجڻ سبب بند پيل آهن، مستقبل جي معمارن جو مستقبل اونداهو ٿي ويو آهي. جڏهن ته ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل اسڪول زبون ٿي ويا آهن، شاگردن ۽ والدين پاران استاد مقرر ڪري بند پيل اسڪول کولرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ان ڏس  ۾ تلھار ۽ ماتلي تعلقن جي راڄوخاناڻي ، مير احسان علي ٽالپر ، مير صاحب خان ٽالپر ،  سعيپور ، يعقوب جکرو ، ارباب ملاح ، آدم راھمون ، ڏاتو خان جمالي، ڪانڊيرو ملاح، منٺار رستماڻي، تلھار ، پيرولاشاري ، ٺري نظاماڻي ، حاجي سانوڻ، پير بھادر شاھ صديقي، محمد اشرف ٿيٻو سميت ھڪ سئو کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ گرلس ۽ بوائز پرائمري ۽ مڊل اسڪول استادن جي نه ھجڻ سبب اڃان تائين بند پيل آهن جنهن ڪري ھڪ طرف مستقبل جي معمارن جو مستقبل اونداهو بڻيل آهي ته ٻئي طرف وري ڪروڙين روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل اسڪولن جي بلڊنگن جي حالت زبون حال بڻيل آهي ۽ اسڪول بند ھئڻ سبب اڪثر ٻار گھٽين ۾ گھمندي ، رانديون ڪندي ء چوپايو مال چاريندي نظر ايندا آهن ھن سلسلي ۾ پنھنجي اخبار پاران ڪيل سروي ۾ معلوم ٿيو ته ڪافي اھڙا به اسڪول آھن جن ۾ ھڪ سئو کان وڌيڪ ٻارن جي حاضري روزانو ھئي مگر استادن جي رٽائر ٿيڻ سبب انھي اسڪول ۾ ڪوبه استاد مقرر نه ڪيو ويو جنهن ڪري اسڪول بند ڪيو ويو ھن سلسلي ۾ ڳوٺ آدم راھمون جي ڳوٺاڻن علي مراد ايري، شوڪت علي ايري، حاجي ذوالفقار علي ايري ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان جو اسڪول قديمي آهي جيڪو پھرين پرائمري ھو جنھن کي 2004 ۾ اپ گريڊ ڪري مڊل اسڪول جؤ درجو ڏنو ويو ۽ استادن جي رٽائر ٿيڻ سبب اسان جي اسڪول ۾استاد مقرر ڪرڻ بجاءِ انھيءَ اسڪول کي تالا ھڻي 2018 کان بند ڪيو ويو آهي جنهن ڪري مستقبل جي معمارن جو مستقبل اونداهو بڻجي رهيو آهي ۽ ٻارن جي اسڪول نه وڃڻ سبب سڄو ڏينهن گھٽين ۾ رلندا رھن ٿا جنهن ڪري ٻارن ۾ جھيڙا روز جو معمول بڻيل آهن مٿين گوٺن جي ڳوٺاڻن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه ، سيڪريٽري تعليم سميت اعلي۱ اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته تلھار ۽ ماتلي تعلقن جي بند پيل اسڪولن ۾ استاد مقرر ڪري بند پيل اسڪول کولرائي مستقبل جي معمارن جو مستقبل روشن ڪيو وڃي