يو ايس اي آءِ ڊي جي سهڪار سان انب جي پيداوار ۾ اضافو، پاڪستان 6هين نمبر تي اچي ويو

0
613

لاڙڪاڻو (بيورورپورٽ) يو ايس اي آءِ ڊي جي تعاون سان پاڪستان ۾ انب جي پيداوار ۾ اضافو ٿي رھيو آھي، جنهن کانپوءِ پاڪستان انبن جي برآمد ڪندڙ ملڪن ۾ 6 نمبر تي اچي ويو آهي، نارنگين کان پوءِ انب جي پيداوار پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ٿئي ٿي، پاڪستان ۾ انب جي فصل جي ساليانو پيداوار 18 لک ٽن کان وڌيڪ ٿئي ٿي، جنھن ۾ سڀ کان وڌيڪ مشھور انب جا جيڪي قسم ٿين ٿا انھن ۾ چونسو، انوارٽول، سنڌڙي، لنگڙو، دسھري ۽ ٻيا شامل آهن، پاڪستان جي ڄاڻايل جنسن کي بھترين ذائقي جي ڪري پوري دنيا ۾ پسند ڪيو ٿو وڃي، آمريڪي اداري بين الاقوامي ترقي يو ايس اي آءِ ڊي جي ايگريڪلچر مارڪيٽ ڊولپمينٽ پروگرام اي ايم ڊي عالمي سطح تي پاڪستاني انب جي گھرج وڌائڻ، انب جي صنعت ۽ برآمد کي هٿي وٺرائڻ لاءِن بھترين سھڪار ڪيو آھي. ان سلسلي ۾ اي ايم ڊي عالمي سطح جي برآمد جو معيار، گريڊنگ، برائڊنگ ۽ پيڪنگ بابت بھترين قسم جي تربيت جي سھولت مھيا ڪئي آھي ۽ پاڪستاني ايڪسپوٽرز کي عالمي سطح تي منڊين تائين رسائي جا موقعا پڻ فراهم ڪيا. انب جي ھڪ ايڪسپوٽر خرم فريد خاڪواني جو چوڻ آھي ته پھريان انب جي درجه بندي وزن ۽ سائيز جي حساب سان ڪئي ويندي ھئي، جنھن ۾ نه صرف وقت لڳندو ھو پر نقصان به ٿيندو ھو، هن چيو ته يو ايس اي آءِ ڊي انب پوکڻ وارن کي جديد اليڪٽرانڪ مشينون مھيا ڪيون آھن جنھن سان ليزر ٽيڪنالاجي ذريعي انبن جي بلڪل صحيح ڪٽائي ڪئي وڃي ٿي، هوڏانهن آل پاڪستان فروٽ ۽ ويجيٽيبل ايسوسيشن ھلندڙ سال 1.5 لک ٽن انب برآمد ڪرڻ جي حدف جو اعلان ڪيو آھي.