مٽي جي گاري مان انسانن جا حقيقت سان ڀرپور مجسما تيار

0
398

بيجنگ(دلچسپ نيوز)هن وقت سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو مقبوليت جا نوان رڪارڊ قائم ڪري رهي آهي، ان ۾ هڪ فنڪار واٽهڙن جا حقيقت سان ڀرپور مجسما ۽ پتلا ٺاهي رهيو آهي جيڪي چڪي مٽي جي گاري مان ٺاهيا ويندا آهن.ان فنڪار جو نالو يان جونائي آهي جيڪو چين جي شهر چنگشا جي هڪ رستي جي ڪناري ويهندو رهندو آهي ۽ گاري سان واٽهڙن جا مجسما ٺاهي انهن کي حيران ڪري رهيو آهي، ان جي جادوئي هٿن ۽ فن کي ڏسي ماڻهو حيران رهجي ويندا آهن، سڀ کان پهريان ان جي وڊيو چيني سوشل ميڊيا ويب سائٽ سي جي ٽي اين تي پوسٽ ڪئي وئي هئي جنهن ۾ هو چيڪي مٽي جي ٽڪرن سان انساني مٿو ۽ مجسما ٺاهيندي نظر آيو، هو اکين کان وٺي چپن تائين جي سنهڙن جزن کي ايتري بهتري سان ٺاهيندو آهي جو ڏسندڙ حيران رهجي ويناد آهن، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته مجسما ٺاهڻ ۾ هو صرف پنهنجو هٿ استعمال ڪندو آهي ۽ هڪ ننڍي ڇري سان پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو آهي.