ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ سرڪار يوٽلٽي اسٽورن تي اٽو، گيھه ۽ کنڊ مھانگا ڪرڻ واري اقتصادي رابطا ڪاميٽي جي فيصلي کي عوام مٿان ڊرون حملو قرار ڏيندي چيو آھي ته گيهه جي قيمت 90 ، کنڊ جو اگهه 17 ۽ 20 ڪلو جي اٽي واري ٿيلهي جي قيمت ۾ 150 رپين جو اضافو عوام دشمن فيصلو آھي.ان ڏس ۾ سنڌ جي زراعت واري وزير اسماعيل راھو چيو ته سليڪٽڊ روزانو عوام مٿان مھانگائي جا بم ڪيرائي رھيا آھن، تباھي سرڪار پيٽرول جي قيمتن ۾ 30 ڏينھن ۾ 3 ڀيرا اضافو ڪيو آهي، ٻين ملڪن ۾ يوٽلٽي اسٽورن تي کنڊ، گيھه ۽ اٽي تي سبسڊي ملندي آھي پر ھتي رليف ختم ڪيو پيو وڃي.