ڊيرا غازي خان (م ڊ) دهشتگرد جي علامت بڻيل لادي گينگ جو مرڪزي جوابدار ساٿي سوڌو مقابلي ۾ مارجي ويو، سي ٽي ڊي موجب سي ٽي ڊي پوليس ضلعي ڊيرا غازي خان ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ لادي گينگ جو مرڪزي جوابدار ساٿي سميت مارجي ويو، لادي گينگ جو سربراهه قتل، ڦر، قتل جي ارادي سميت مختلف ڪيسن ۾ گهربل هو، پنجاب ۾ فورسز ڪافي وقت کان لادي گينگ خلاف آپريشن ڪري رهي هئي.