نوابشاهه (رپورٽر) وڏي وزير جِي جعلي فون ڪال تي نوڪري وٺڻ لاءِ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه آيل نوجوان سميت 2 ڄڻا سوگها، ڏوڪري واسي نوجوان خليل سولنگي ۽ ساڻس گڏ آيل مظفر جوڻيجو کي يونيورسٽي انتظاميه پوليس هٿان گرفتار ڪرائي ڇڏيو، پوليس موجب وڏي وزير جَي نالي تي پرڪاش دليپ نالي شخص وي سي کي فون ڪري چيو ته خليل سولنگي کي نوڪري ڏيو، يونيورسٽي انتظاميه جاچ ڪرائِي ته فون ڪال جعلي ثابت ٿِي، انتظاميه ڪيس داخل ڪرائيندِي ته ڪارروائي اڳتي وڌائي ويندي………