ٺٽو (رپورٽ : اسماعيل ميمڻ) ٺٽو جي سياسي، سماجي ڌرين توڙي پاڻي ۽ ماحولياتي ماهرن سنڌو درياءُ ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ تي ارسا ۽ واپڊا جي ڪارڪردگي تي عدمِ اطمينان ظاهر ڪندي واپڊا ۽ ارسا جي چيئرمينن کان فوري طور تي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي، اُن ڏس ۾ فشر فوڪ فورم پاران انڊس ڊيلٽا کي انسان ذات واري قانوني حيثيت ڏيارڻ لاءِ مڪلي ۾ هڪ ڊائيلاگ پروگرام مُنعقد ڪيو ويو، جنھن کي خطاب ڪندي اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو چيو ته سنڌو درياءُ ۾ پاڻي روڪي هڪ مخصوص ذهني سوچ رکندڙ سنڌ ۽ ڊيلٽا جي پاڻي حقن تي ڌاڙا هڻي رهيو آهي ۽ ارسا توڙي واپڊا جي ڪارڪردگي هاڻي تڪراري بڻجي چڪي آهي جنهن ڪري واپڊا ۽ ارسا جي ٻنھي چيئرمينن کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته وفاق ننڍن صوبن جي حقن تي قابض بڻجي هٿرادو آفتون پيدا ڪري رهيو آهي هُن چيو ته سامونڊي طوفان ۽ انهن جي اثرن جو نتيجو به موسمي ماحولياتي هٿرادو تبديليون پيدا ڪرڻ آهي ۽ پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت انڊيا وٽ ملڪ جي پاڻي جو ڪيس تمام ڪمزور صورت ۾ رکيو ۽ ارسا تي قبضو ڪري من پسند فيصلا ڪيا پيا وڃن، هن سنڌ بئراج تي سخت تحفظات ظاهر ڪندي چيو ته دنيا ۾ ڊيمن کي ختم ڪيو پيو وڃي پر اسان وٽ جتي سنڌو درياءُ ۾ پاڻي جو ڦُڙو نه آهي اُتي وري مخصوص سوچ رکندڙ هڪ طرفه فيصلا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ جي ٻيٽن، درياءِ ۽ پاڻي جي معاملي تي سنڌ کي اعتماد ۾ نه پيو ورتو وڃي اهڙي صورتحال ۾ پاڻي خاطر هر فورم تي ڀرپور ڪيس رکيو ويندو ۽ انڊس ڊيلٽا کي انساني ذات واري قانوني حيثيت ڏيارڻ لاءِ پارليامينٽ ذريعي قانون سازي ڪئي ويندي. اُن موقعي تي خطاب ڪندي فشر فوڪ فورم جِي اڳواڻ ياسمين شاهه ڊيلٽا اسٽڊيز سينٽر سنڌ يونيورسٽي جي انچارج پروفيسر مختيار احمد مھر پاڻي ماهر انجنيئر اوڀايو خشڪ، فضا شاهه، خدا بخش بهراڻي ۽ ٻين چيو ته چئن صوبن کان پوءِ پنجين نمبر تي انڊس ڊيلٽا لاءِ پاڻي مختص ڪيو وڃي واپڊا ارسا ۽ وفاق جي فيصلن تي سخت تحفظات آهن. هنن چيو ته سنڌو درياءُ اسانجو محافظ آهي جنهن سنڌ جي تهذيبن کي جنم ڏنو آهي. هنن چيو ته سنڌو درياءُ کي انسانن جو ڊيلٽا ڪري مڃيو وڃي ۽ سنڌو درياءُ جي بقاءَ لاءِ مضبوط قانون سازي ڪئي وڃي ته جيئن درياءُ کي روڪڻ ۽ ان جي پاڻي تي ڌاڙا هڻندڙن کي سزا ملي سگھي .