حيدرآباد( بيورو رپورٽ) سخي پير پوليس ڏوهارين سان مبينا مقابلو ڪري زخمي ڏوهاري کي ساٿي سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي پوليس ترجمان موجب ستار شاه قبرستان ويجهو چيڪنگ دوران ٽن مشڪوڪ موٽرسائيڪل تي سوار ماڻهن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو پر موٽرسائيڪل تي سوار ٽنهي ڄڻن بيهڻ بدران پوليس تي فائرنگ ڪئي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو قاسم پٺاڻ ڄنگه ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو جڏهن فرار ٿيندي زخمي ڏوهاري جي هڪ ساٿي خادم حسين کي موقعي تان گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو ۽ سندن هڪ ساٿي فرار ٿي ويو, پوليس موجب زخمي ڏوهاري کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته گرفتار ٿيل ٻئي ڏوهاري ۽ سندس زخمي توڙي فرار ٿيلن خلاف پوليس سان مقابلي ۽ غيرقانوني اسلحي رکڻ جا ٽي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن پوليس ذريعن جو چوڻ آهي پوليس پاران هاف فراءِ ڪيل شخص جو تعلق لطيف آباد سان آهي جنهن کي ڪجه ڏينهن اڳ پوليس گرفتار ڪري مختلف هنڌن تي رکيو ۽ گذريل رات دير سان کيس ڄنگه ۾ گولي هڻي اپاهج ڪري ڇڏيو.