ٽنڊو ڄام: زرعي يونيورسٽي جي جي آئين موجب شاگرد جو ڊوميسائيل جعلي هجڻ جي صورت ۾ کيس مليل ڊگري ۽ داخلا رد ڪرڻي هوندي آهي، انهي سلسلي ۾ زرعي يونيورسٽي جي داخلائن واري شعبي جي سربراهه احمد خان منگي سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن فون اٽينڊ نه ڪيو، هوڏانهن ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته شاگرد جي پهرين ڊگري رد نه ڪئي ويندي، سنڌ شاگرد ڪائونسل جي سهڪار سان جعلي ڊوميسائيل رد ڪرايو ويو، پنهنجي اخبار کي شاگردن ڄاڻ ڏني ته وڌيڪ جعلي ڊوميسائيل تي داخلائون ٿيل آهن.