لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ ضابطه ديواني ترميمي آرڊيننس ڪالعدم قرار ڏيڻ جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، هاءِ ڪورٽ رمارڪس ڏنا آهي ته وزيراعظم جي صوبي جي قانونسازي لاءِ هدايت اختيارن جو آمراڻو استعمال آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم پنجاب بار ڪائونسل جي درخواست تي فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم جي صوبائي قانونسازي لاءِ هدايت ڪرڻ اختيارن جو آمراڻو استعمال آهي، جڏهن ته وزيراعظم جي هدايت کي بنا جواز تسليم ڪرڻ پنجاب جي گهري غلامي کي ظاهر ڪري ٿو. عدالتي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڄاڻايل ترميمي آرڊيننس متاثرن جي حقن کي دٻايو آهي، جڏهن ته ضابطه ديواني ۾ ترميم لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ کان راءِ به نه ورتي وئي، فيصلي ۾ چيو ويو ته وزيراعظم جي پنجاب کي قانونسازي لاءِ هدايت ڏيڻ غيرقانوني آهي، جڏهن ته پنجاب جو وفاق يا وزيراعظم جي صوبائي قانونسازي بابت هدايت تي عمل ڪرڻ صوبن جي اختيارن کي ڇيهو رسائڻ جي برابر آهي. عدالتي فيصلي موجب ضابطه ديواني جي ترميمي آرڊيننس قانوني استحڪام کي وڏي خطري ۾ وجهي ڇڏيو، پنجاب حڪومت وفاق جي حڪم تي عمل ڪري نه رڳو صوبائي اختيار ختم ڪيا پر حقن تي به سوديبازي ڪئي، پاڪستان ۾ سمورين اختيارين کي پنهنجي دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو. جسٽس شاهد ڪريم تفصيلي فيصلي ۾ لکيو ته رڪارڊ مان ثابت ٿيو ته ترميمي آرڊيننس جو ڊرافٽ به وفاقي حڪومت پنجاب حڪومت کي ڏنو، ترميم کان پهرين پنجاب حڪومت پاڻمرادو ڪو غور ويچار نه ڪيو هو. جسٽس شاهد ڪريم چيو ته آرڊيننس جاري ڪرڻ جو اختيار ڪو پٿر تي لڪير جهڙو ناهي، جڏهن ته ايگزيڪيوٽو پاران واريءَ تي اکر لکڻ برابر آهي، عدالتي فيصلي موجب آئيني دائري ۾ رهندي وفاق صوبن جي معاملن ۾ مداخلت نه ٿو ڪري سگهي، وزارت قانون ۽ انصاف ۽ پارلياماني معاملن وزيراعظم جي حڪم تي عمل ڪري ٽپال جو ڪردار ادا ڪيو، عدالت ان کي ڪالعدم قرار ڏئي ٿي.