اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير وچ ۾ اهم ملاقات ٿي، ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف سان قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس کان اڳ آرمي چيف عاصم منير ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ملڪي سيڪيورٽي صورتحال ۽ موجوده صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب ملاقات ۾ قومي سلامتي جي اهم معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس جي ايجنڊا تي  به ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب ملاقات ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي 9 مئي تي ٿيندڙ گرفتاري بعد پرتشدد مظاهرن کان پوءِ فوجي عمارتن تي حملن جي واقعن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.