اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  نيب القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي 18 مئي تي طلب ڪيو آهي، ذريعن مطابق نيب روالپنڊي عمران خان کي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ 18 مئي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو آهي، نيب ذريعن مطابق هڪ سوالنامو به عمران خان کي موڪليو ويو آهي، جڏهن ته عدالت عمران خان کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي، نيب نيشنل ڪرائيم ايجنسي 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل جي جاچ ڪري رهي آهي، ذريعن مطابق نيب راولپنڊي 18 مئي تي عمران خان کي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي، عمران خان کي ڪيس بابت دستاويز به گڏ آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.