ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ٽي ايل پي پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سنڌ اسيمبلي مان 9 مئي تي ملڪ جي حساس ادارن جي هيڊ ڪواٽرز ۽ اهم هنڌن تي حملا ۽ ڀڃ ڊاهه ڪندڙ پي ٽي آءِ ڪارڪنن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ ۽ 22 مئي 2020ع تي ڪراچي ۾ پي آءِ اي جهاز ڪرڻ سبب شهيد ٿيل 99 مسافرن  لاءِ يادگار قائم ڪرڻ وارا ٺهراءُ منظور ڪيا ويا، ڪالهوڪي اجلاس ۾ ٽي ايل پي جي ايم پي اي قاسم فخري پاران 9 مئي تي ملڪ جي حساس ادارن جي هيڊ ڪواٽرز ۽ اهم هنڌن تي حملا ۽ ڀڃ ڊاهه ڪندڙ پي ٽي آءِ ڪارڪنن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ وارو پيش ڪيل  ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائي وڃي، اجلاس دوران پ پ ايم پي اي سعديا جاويد جو  ڪراچي ۾ سيفي برهاني  خانگي يونيورسٽي قائم ڪرڻ وارو بل پڻ متفقه طور تي منظور ڪيو ويو. متحده ايم پي اي رعنا انصار 22 مئي 2020ع تي ڪراچي ۾ پي آءِ اي جهاز ڪريش ٿيڻ جي نتيجي ۾  شهيد ٿيل 99 مسافرن  لاءِ ماڊل ڪالوني ۾ يادگار قائم ڪرڻ وارو ٺهراءِ پيش ڪيو ويو، متحده ايم پي اي رعنا انصار ٺهراءُ پيش ڪرڻ دوران حادثي ۾ شهيد ٿيل پنهنجي ور ۽ نامياري صحافي انصار نقوي کي کي ياد ڪندي لڙڪ لاڙي ويٺي، رعنا انصار چيو ته اسان گهر ڀاتين لاءِ هر ڏينهن 22 مئي آهي، انهي دوران صوبائي وزيرشهلا رضا ۽ پ پ ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو رعنا انصار جي سيٽ تي پهچي سندس ڳوڙها اگھي آٿت ڏني. اجلاس دوران جماعت اسلامي جي ايم پي اي سيد عبدالرشيد پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي معاهدي جا 20 سال مڪمل ٿي رهيا آهن،  منهجو مطالبو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ سان ڪيل معاهدي ۾ واڌ نه ڪئي وڃي هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي جي شهرين لاءِ عذاب کان گهٽ ناهي. اجلاس دوران اقليتن واري کاتي بابت سوالن جا جواب ڏيندي صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي چيو ته ڏياري تي 5 کان 15هزار، شادي لاءِ گهربل ڏاج لاءِ 25 هزار، اسڪالر شپ جي مد ۾ شاگردن کي ميٽرڪ تائين 10 هزار، انٽر تائين 15 گريجوئيٽس کي 20 ۽ ماسٽرز تائين  25 هزار ساليانو ڏيندا آهيون، هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو هولي يا ڏياري جي پروگرامن ۾ پاڻ شرڪت ڪندو آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ 706 مندر، 141 چرچ ۽ 12 ڌرم شالائون آهن.