وزيراعظم حڪومت ۽ ميڊيا ۾ وڇوٽيون پيدا ڪندڙ صلاحڪارن سان محتاط رهي: پرويز الاهي

0
162
وزيراعظم حڪومت ۽ ميڊيا

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي چيو آهي ته وزيراعظم پنهنجي صلاحڪارن کان محتاط رهي، اهي صلاحڪار حڪومت ۽ ميڊيا ۾ وڇوٽيون پيدا ڪري رهيا آهن

وزيراعظم جي نالي پنهنجي پيغام اسپيڪر پرويز الاهي ميڊيا هائوس ۽ اخبارن جي اشتهارن تي پابندي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي اڳواڻن کي مخصوص چئنلز تي وڃڻ کان روڪيو ويو آهي، ائين ته پي ٽي آءِ پنهنجو موقف صحيح نموني نه رکي سگهندي

اسپيڪر پنجاب اسيمبلي ڪجهه اخبارن ۽ ميڊيا هائوسز جا اشتهار بند ڪرڻ تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته بظاهر لڳي ٿو ته اشتهارن تي پابندي پيڪا قانون جي روشني ۾ لڳائي وئي آهي، وزيراعظم کي درخواست آهي ته فيصلي تي نظرثاني ڪري، سرڪاري اشتهار عوامي پئسو آهي، جيڪو مخصوص اخبارن ۽ چينلن کي نشانو بڻائڻ لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي

هن چيو ته حيران آهيان ته پي ٽي آءِ ميڊيا هائوسز کي ڇو نشانو بڻائي رهي آهي، وزيراعظم مون کي پيڪا آرڊيننس بابت ميڊيا هائوسز ۽ حڪومت وچ ۾ مسئلا حل ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي