ڪجهه به نه ٿيندو، اپوزيشن پنهنجي تحريڪ سان گڏ واپس گهر هلي ويندي: فواد چوڌري

0
154
اپوزيشن بي اعتمادي

ڪراچي (م ڊ) سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته مخالف ڌر ايندڙ هفتي پنهنجي تحريڪ سان گڏ واپس گهر هلي ويندي

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته فضل الرحمان جا 48 ڪلاڪ ۽ بلاول جي 5 ڏينهن ۾ ڪاٺ جا گهوڙا نڪتا آهن

وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته ايندڙ هفتي اپوزيشن پنهنجي تحريڪ سان گهر واپس هلي ويندي ۽ اپوزيشن جي سمورين دعوائن مان هوا نڪري ويندي

فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم پاڪستان اسلامي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس کانپوءِ اهم دورا ڪندو

ٻئي طرف گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته اپوزيشن جي بي اعتمادي رٿ عمران خان لاءِ اطمينان واري رٿ بڻجي ويندي