جعلي امام سان گڏ نظام به تبديل ٿيڻ گهرجي: سراج الحق

0
179
جعلي امام سان گڏ

مٽياري (ن پ ا) جماعت اسلامي جي امير سراج لحق چيو آهي ته جعلي امام سان گڏ نظام به تبديل ٿيڻ گهرجي، فرد تبديل ٿئي ۽ نظام ساڳيو هجي ته ظلم جاري رهندو

ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي امير پي ٽي آءِ ۽ پ پ کي ناڪام قرار ڏيندي چيو آهي ته پ پ ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڪو فرق ناهي، ٻئي عوامي زندگي بهتر بڻائڻ ۾ ناڪام ٿي ويون آهن، لاهور ۽ ڪراچي جي حالت بدترين آهي

سراج الحق چيو ته وفاق ۽ صوبائي حڪومتون ناڪام ٿي ويون، هاڻي عوام کي موقعو ڏنو وڃي، شطرنج جي راند ۾تماشائي ٿيڻ بدران عوام حقيقي تبديلي لاءِ تيار ٿئي

هن وڌيڪ چيو تهپ پ جو مارچ وڏي ڳالهه ناهي، مارچ ۾ مارچز ٿيندا آهن، حڪومت جلسن بدران ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ عوام کي ريليف فراهم ڪري