ٽنڊوالهيار ( رپورٽر) واپڊا هڪ قومي ادارو آهي جنهن جي نجڪاري قومي مفادن ۾ ناهي تنهنڪري اها ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي 3 ڀيرا اڳ به هن جي نجڪاري جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جنهن کي روڪيو آهي ۽ هاڻ به ٿيڻ نه ڏينداسين اهڙي خيالن جو اظهار آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرونڪ ورڪر يونين ( سي بي اي ) جي مرڪزي صدر عبداللطيف نظاماڻي ٽنڊوالهيار جي حيسڪو آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته اداري ۾ 60 هزار جايون خالي پيل آهن جنهن ۾ 11 سئو کان وڌيڪ ميٽر ريڊرن جون آهن 45 سيڪڙو اسٽاف بنا سيڪيورٽي جي پنهنجا فرض انجام ڏئي عوام کي بجلي جي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي هن چيو ته برسات جي سيلابي صورتحال ۾ واپڊا ۽ حيسڪو ملازمين پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي هنگامي صورتحال ۾ ڪم ڪيو جن کي فوري طور تي هڪ مهيني جي اضافي پگهار ڏني وڃي هن وڌيڪ چيو ته اسان سدائين اداري ۽ پورهيتن جي حقن جي سربلندي لاء ڪاوشون ڪري رهيا آهيون 6 ڀيرا اڳ به رفرينڊم کٽي چڪا آهيون ۽ انشاءالله هاڻ به سوڀارا ٿينداسين. هن چيو ته هتي 14 لک کان وڌيڪ بجلي صارفين آهن ۽ 145 سيڪڙو اسٽاف گهٽ آهي ان جي باوجود عوام کي بجلي جي سهولت مهيا ڪري رهيا آهيون.