ڀٽ شاهه (ن پ ا) پير آف ڀٽ شاھ سيدگداحسين شاھ لطيفي پاران علي قاضي جي اعلانيل ثقافتي ڏهاڙي جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو ويو آهي اڳوڻي ٽائون چيئرمين سيدگداحسين شاھ لطيفي ٽائيم نيوز سان ڳالھ ٻول ڪندي چيو ته 4 ڊسمبر تي  ايڪتا ڏهاڙو “سنڌ سان درد جو رشتو” ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو ۽ هر سال جيان 4 ڊسمبر تي مرشد لطيف سرڪار جي گيٽ سامهون ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي استقبالیہ ڪئمپ به قائم ڪئي ويندي، هن چيو ته ٻوڏ ۽ برسات سبب سنڌ سورن ۾ آهي علي قاضي پاران *سنڌ سان درد جو رشتو * جي عنوان جي آجيان ڪريون ٿا سنڌ ڌرتي سان بلڪل محبت ۽ درد جو رشتو آهي 4 ڊسمبر تي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي ٽوپي، پٽڪي ۽ اجرڪ وارن جو گلن جي ورکا سان استقبال ڪنداسين ثقافتي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جو سحرو علي قاضي صاحب ڏانهن وڃي ٿوسنڌ جي ثقافت کي پوري دنيا ۾ اجاگر ڪندڙ علي قاضي ايڪتا ڏهاڙي جو باني آهي اسان هر سال وانگر ايڪتا ڏهاڙو ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان گڏ ” سنڌ سان درد جو رشتو” جي عنوان سان ملهائيندا سين. ان موقعي تي ٽائيم نيوز رپورٽر رجب بوزدار، غلام قادر ٻرڙو، سجاد ميمڻ ، عمران علي هوت، ڪامران وساڻ، الاهي بخش ابڙو، عبدالجبار راجپوت ۽ ٻيا به موجود هئا.