عثمان شاھ ھڙي: ( ن پ ا ) تازو چوماسي برساتن کي 4 مھينا گذري ويا آهن، پر ان جي باوجود اڃان تائين عثمان شاھ ھڙي ء ان جي آسپاس جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برساتي پاڻي جو نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪمند جا  فصل پاڻي هيٺ آهي. جڏھن ته بصر۽  ڦٽي واري زمين تباھ ٿي ويئي آهي، رهوسين موجب پاڻي جو نيڪال نه ٿيڻ ۽ وقت تي شگر مل چالو نه ٿيڻ تي بيٺل ڪمند تباھ ٿي رھيو آھي ۽ نئين ڪمند ۽ ڪڻڪ جي پوکائي نه ٿي آھي ايندڙ سال سڄي سنڌ جيئان ھتي به ڪڻڪ جو وڏو بحران پيدا ٿيندو جڏهن ته برسات دوران متاثر ٿيل اڃان تائين اھڙا ڪيترائي ڳوٺ موجود آهن جن ۾ اڃان تائين برساتي پاڻي بيٺل آهي ان حوالي سان حڪومت جيڪي داوائون ڪيون اھي ناڪام ثابت ٿيون اڃان تائين ماڻهو پنھنجي پيرن تي بيهي نه سگهيا آھن ان لاء حڪومت کي گهرجي ته فوري طور موثر قدم کڻي متاثر برساتي علائقن مان پاڻي ڪڍي متاثرين جي مدد ڪئي وڃي.