واپاري ستن ڪمار قتل: پوليس پاران ڪيس جو رخ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش

0
287
واپاري ستن ڪمار قتل

ڏهرڪي(ن پ ا) 20  ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل هندو واپاري ستن ڪمار جي قتل ڪيس جو رخ تبديل ڪرڻ لاءِ پوليس مبينا طور سرگرم ٿي وئي، صادق آباد مان ستن ڪمار ڪيس جي جاچ ۾ ٽي ڏينهن اڳ هڪ پورهيت ظفر شر کي پوليس گرفتار ڪري انسانيت سوز تشدد ڪري اڌ مئو ڪري ڇڏيو

گرفتار ٿيل ظفر شر مٿان کنڀڙا ٿاڻي تي پوليس مقابلي جو ڪيس به داخل ڪيو ويو، ظفر شر کي مارڪٽ دوران قومپرست اڳواڻ حآتن شر جو نالو کڻڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو، پنجاب جي ايم پي اي ممتاز چانگ جي مداخلت تي ظفر کي خاموش رهڻ جي شرط تي آزاد ڪيو ويو آهي

حاتن شر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته قومپرست اڳواڻ ۽ شر برادري جي چڱي مڙس حاتن جو نالو نه کڻڻ تي پوليس انسانيٿ سوز تشدد ڪندي رهي

هن چيو ته پوليس ستن ڪمار قتل ڪيس جي جاچ ۾ ظفر شر کي ڪهڙي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو، ستن ڪمار جي ڪيس جي اصل ڏوهارين کي ڪهڙو پوليس آفيسر لڪائي مون کي ڦاسائڻ چاهي ٿو

هن چيو ته ظفر شر مٿان ٽارچر ڪيو ويو ته هو منهنجو نالو کڻي، ظفر شر مٿان ڪوڙي مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، مون کي جيڪو بي گناهه ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي ان جي ڊي آءِ جي انڪوائري ڪرائي

ٻئي پاسي ظفر شر ٻڌايو ته پوليس منهنجي مٿان ٽارچر ڪندي رهي ته تون حاتن شر جو نالو کڻ نه ته توکي فل فراءِ ڪنداسين، ايس ايڇ او کنڀڙا اطهر چنو مون تي اهو دٻاء ڏيندو رهيو ته تون حاتن جو نالو کڻ، پوليس مختلف ٿاڻن تي وٺي وڃي تشدد جو نشانو بڻائندي رهي

ھي به پڙھندا

ڏهرڪي: مقتول ستن لعل جي وارثن پوليس جاچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي