ڏهرڪي: مقتول ستن لعل جي وارثن پوليس جاچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي

0
184
ڏهرڪي: مقتول ستن لعل

ڏهرڪي (ن پ ا) ڏهرڪي ۾ ٻه هفتا اڳ هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل هندو واپاري ستن لعل جي وارثن پوليس جي  جاچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي آهي

مقتول جو ڀاءَ ڪنعيا لعل چيو آهي ته اسان پوليس جي جاچ مان مطمئين ناهيون، اسان کي خطرو آھي ته هاڻي اسان کي به قتل ڪيو ويندو

جسبير ڪمار چيو ته بابا جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آھن، هاڻي مون منهنجي ۽ چاچن جي زندگي خطري ۾ آھي، قاتل گرفتار نٿا ٿين ته گهث ۾ گهٽ اسان کي تحفظ ڏنو وڃي

ناگيش ڪمار چيو ته پوليس رڳو آسرا ڏيندي رهي ٿي، خبر ناهي ڪهڙي سياسي مداخلت جي ڪري پوليس خاموش بڻيل آھي