مهانگائي جي ماريل عوام کان لاتعلق بڻيل سياسي ڌريون

0
144
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري رهي آهي پر نه حڪومت انهي پاسي ڌيان ڏئي رهي آهي نه ئي وري مخالف ڌر جي سياسي سرگرمين مان لڳي ٿو ته انهن کي ڪو انهي جو اونو آهي جو عوام سان گڏ بيهي مهانگائي کي قابو ڪرڻ لاءِ ڪو حڪومت تي دٻاءَ وجهي.هن مهانگائي واري دور ۾ جڏهن عام استعال جي شين جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن ته مخالف ڌر عدم اعتماد جي تحريڪ آڻڻ جي ڪوششن پٺيان پنهنجون سياسي توانائيون وڃائي رهي آهي ته حڪومت وري  عوامي رابطا مهم شروع ڪري ڇڏي آهي مطلب ته مخالف ڌر حڪومت جا اتحادي ٽوڙڻ ۾ مصروف آهي ته حڪومت وري رستن تي اچي وئي آهي.انهي صورتحال ۾ مهانگائي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي جنهن جو اعتراف ٻيو ڪير نه پر حڪومت جي نگراني ۾ هلندڙ شماريات کاتو ڪري رهيو آهي.

اهو ته هر ڪنهن کي اندازو هو ته پيٽرول جي اگهن ۾ هيڏي وڏي پئماني تي واڌ کانپوءِ عام استعمال جي شين جون قيمتون به وڌي وينديون پر جيڪي شماريات کاتي هفتيوار انگ اکر جاري ڪيا آهن اهو سوچيندي به ڊپ ٿو ٿئي ته ڏهاڙي تي ڪمائيندڙ ماڻهو پنهنجي ڪيئن پورت ڪندو هوندو ؟.شماريات کاتي مهانگائي بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته هفتي ۾ مهانگائي جي شرح 0.22 سيڪڙو مان وڌي 18.09 سيڪڙو ٿي وئي آهي. هڪ هفتي دوران پيٽرول، ڊيزل، ٿوم، ٽماٽي، ڪڪڙ جي گوشت ۽ گيهه سميت 28 ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي آهي . رپورٽ موجب ٿوم 37 رپيا 76 پئسا في ڪلو، ٽماٽو 5 رپيا 54 پئسا، ڪڪڙ جو گوشت 6 رپيا 21 پئسا في ڪلو مهانگو ٿيو. اهڙي ريت هڪ هفتي ۾ گيهه 3 رپيا 83 پئسا مهانگو ٿيو، چڻن جي دال، مهري جي دال، کير ۽ ڌونئرو  به مهانگو ٿيو آهي . رپورٽ موجب بصر 51 پئسا، پٽاٽو 33 پئسا في ڪلو، 20 ڪلو اٽو 3 رپيا 12 پئسا ۽ کنڊ 47 پئسا في ڪلو سستي ٿي.اهي سڀئي اهي شيون آهن جيڪي هر گهر جي ضرورت آهن،  ڀلي ڪير ڪروڙين ڪمائي يا 500 رپيا ڏهاڙي انهن لاءِ انهن شين جو استعمال ضروري آهي. ڪير ڪڪڙ نه ٿو وٺي سگهي ته پنهنجي ٻارن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ دال ضرور وٺندو هوندو پر دالين جي قيمتن ۾ به ايتري واڌ ٿي وئي آهي جو اها وٺڻ به مسئلو بڻجي وئي آهي.

اهي ته هن هفتي جا انگ اکر آهن جڏهن ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ کي اڃا ڪجهه ڏينهن ٿيا آهن جڏهن ته انهن جي قيمتن ۾ واڌ جو اثر ٻين شين تي هاڻي پوڻ شروع ٿيندو جنهن سان انهن شين جي قيمتن کي پر لڳي ويندا ۽ اهي آسمان تي پهچي وينديون.جڏهن ته حڪومت اڃا بجلي قيمتن ۾ واڌ جو سوچي رهي آهي جيڪا فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي ويندي ڇاڪاڻ ته پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ اها فيول ايڊجسٽمينٽ ڄڻ ته حڪومت لاءِ ضروري ٿي وڃي ٿي،اهو بار به انهي عوام جي کيسي تي ئي پوندو. هاڻي ته سينيٽ به اوگرا جو بل منظور ڪري ورتو آهي جتي مخالف ڌر جي اڪثريت آهي انهي مان ئي لڳي ٿو ته حڪومت کي ته عوام جو ڪو خيال ناهي پر مخالف ڌر به  مهانگائي روڪڻ لاءِ پنهنجو سنجيده ڪردار ادا ڪندي نظر نه ٿي اچي.

اسان سمجهون ٿا ته هي مهانگائي جي لهر  عوام کان جيئڻ جو حق به کسي رهي آهي ۽ حڪمران ۽ مخالف ڌر انهي صورتحال کي نظرانداز ڪري پنهنجي سياسي حڪمت عملين ۾ پورا آهن جيڪڏهن انهن ٻنهي عوام جي مسئلن ڏانهن ڌيان نه ڏنو ته عوام به انهن کان لاتعلق ٿي ويندو جنهن جي بهتري جون دعوائون ٻئي ڌريون ڪري ته رهيون آهن پر عملي طور انهي عوام کان لاتعلق  آهن.