سري نگر (م ڊ) والاريل ڪشمير ۾ به پاڪستان سان گڏ عيد ملهائي ويندي. ان ڏس ۾ سري نگر جي چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي پاران اعلان ڪيو ويو آهي ته سڄي والاريل ڪشمير ۾ شوال جو چنڊ نظر نه آيو.  والاريل ڪشمير جي سرينگر جي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي سربراهه مفتي ناصر الاسلام چيو آهي ته پاڪستاني چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي موجب شوال جو چنڊ نظر ناهي آيو، ان ڪري والاريل ڪشمير ۾ عيد 22 اپريل ڇنڇر جي ڏينهن ملهائي ويندي.