جدو/ لنڊن  (م ڊ) سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن ۽ قطر ۾ شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي. ان ڏس ۾ پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب دنيا جي ڪجھه ملڪن ۾ چنڊ نظر اچي ويو آهي، جن ۾ سعودي عرب، گڏيل عرب امارتون ۽ قطر جهڙا ملڪ شامل آهن، جتي اڄ جمعو 21 اپريل تي عيد الفطر ملهائي ويندي.  برطانيا ۽ يورپ ۾ به عيد جو چنڊ نظر اچي ويو آهي، جتي پڻ اڄ جمعو 21 اپريل تي عيد ملهائي ويندي.