هڪ پير قبر ۾ ٻيو ڪيلي جي کَل تي، پوءِ به شادي جو شوق

0
372
هڪ پير قبر ۾ ٻيو ڪيلي جي کَل تي، پوءِ به شادي جو شوق
هڪ پير قبر ۾ ٻيو ڪيلي جي کَل تي، پوءِ به شادي جو شوق

بغداد (انٽرسٽنگ نيوز) عراق ۾ پيرسن 103 ورهين جي پيرسن پاڻ کان 66 سال ننڍي عورت سان شادي ڪري ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ ميڊيا رپورٽن موجب عراق جي ڏاکڻي علائقي ڪمشنري الديوانيه ۾ شادي تقريب ٿي، جنهن ۾ 103 ورهين جي گهوٽ جي پڙ پوٽن جي شرڪت ڪئي. پنج ڏينهن تائين جاري رهندڙ شادي تقريب م ويجهن مٽن مائٽن به شرڪت ڪئي،

شادي جا انتظام گهوٽ جي پوٽن ۽ پڙ پوٽن توڙي ڏوهٽن ڪيا هئا. گهوٽ جي عمر 103 سال ۽ ڪنوار جي صرف 37 سال، خلق کي ڏندين آڱريون اچي ويون. پيرسن گهوٽ جي پٽ عبدالسلام ٻاڌيو ته سندس والد 1919ع ۾ ڄائو هو۽ سندس هي ٽين شادي آهي. پهرين زال 1999ع ۾ فوت ٿي ٻي شادي ڪئي ته ان مان ٻار ٿيا پر جهيڙن جي ڪري شادي نه هلي سگهي، هاڻي سندس ٽي شادي ڪئي آهي.

 

ھي به پڙھندا

عائشا عمر ڊسمبر ۾ شادي ڪري ڇڏيندي: نجومڻ جي دعويٰ