عائشا عمر ڊسمبر ۾ شادي ڪري ڇڏيندي: نجومڻ جي دعويٰ

0
320

ڪراچي (شوبز نيوز) خوبصورت طور مشهور نامياري اداڪاره عائشه عمر بابت نجومڻ سامعيه خان دعويٰ ڪئي آهي ته اها ڊسمبر ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندي. عائشا عمر سينيئر اداڪار نعمان اعجاز جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي سامعيه خان اداڪارا بابت اهم انڪشاف ڪيو. سامعيه خان چيو ته هلندڙ سال عائشا عمر لاءِ سٺو ثابت ٿيندو،

ڇو ته هوءَ ڊسمبر ۾ شادي ڪري وٺندي ۽ مڙس سندس پسند موجب هوندو. اهو انڪشاف ٻڌي عائشا عمر نعمان اعجاز کان پڇيو ته ڇا مان سندس ڳالهه تي يقين ڪريان؟ جنهن تي اداڪار چيو ته جي ها، اوهان يقين ڪريو. عائشا عمر عورت نجومڻ کان سوال ڪيو ته جنهن سان منهنجي شادي ٿيندي، اهو شخص منهنجي زندگي ۾ اچي چڪو آهي يا نه؟

جنهن تي هن چيو ته هو گذريل هڪ سال کان اوهان جي زندگي ۾ انٽري ڏئي چڪو آهي. اداڪارا وڌيڪ چيو ته مون کي ڊگهي قد وارا ڇوڪرا پسند آهن ۽ چاهيان ٿي جنهن سان شادي ٿئي اهو عزت ڪندڙ هجي ۽ ايماندار هجي.