وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ، قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ صبح ساڍي 10 وڳي ٿيندو

0
167
وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ
وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ، قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ صبح ساڍي 10 وڳي ٿيندو

سپريم ڪورٽ ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ کي غير آئيني قرار ڏيڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ صبح 10.30 وڳي ٻيهر ٿيندو

سپريم ڪورٽ جو لکت وارو حڪم ملڻ بعد قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ڊپٽي اسپيڪر جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو ۽ هاڻي قومي اسيمبلي جو اجلاس صبح ساڍي 10 وڳي ٻيهر شروع ٿيندو

قومي اسيمبلي جي ايجنڊا ۾ وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي جو ووٽ ۽ آرٽيڪل 95 تحت مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي رٿ تي وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي جو ووٽ شامل آهي

6 نقاطي ايجنڊا ۾ وقفي سوال، ٻه نوٽيس ۽ اعتراض جو هڪ نقطو شامل آهي

ٻئي طرف متحده مخالف ڌر پارلياماني پارٽي جو اجلاس صبح 9 وڳي طلب ڪري ورتو آهي، جنهن جي صدارت شهباز شريف ڪندو، جنهن ۾ مخالف ڌر پنهنجي حڪمت عملي جو فيصلو ڪندي

قومي اسيمبلي جي اجلاس لاءِ سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا آهن

بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ ايندڙ هفتي تائين وڃي سگهي ٿي: فواد چوڌري

هوڏانهن اطلاعات ۽ قانون واري وفاقي وزير فواد چوڌري بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ ايندڙ هفتي ڪرائڻ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ ايندڙ هفتي وڃي سگهي ٿي

هن چيو ته وڌيڪ وقت نه وٺنداسين، بحث کان اڳ پرڏيهي سيڪريٽري خط تي ايوان کي بريفنگ ڏيندو

ياد رهي ته 7 اپريل تي چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ وزيراعظم خلاف بي اعتمادي واري رٿ رد ڪرڻ واري ڊپٽي اسپيڪر جي رٿ رد ڪندي قومي اسيمبلي جو اجلاس فوري طور طلب ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو

عدالت حڪم ڏنو ته ڪنهن به ميمبر کي ووٽنگ کان نه روڪيو وڃي، بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي ته نئين وزيراعظم جي چونڊ ساڳئي اجلاس ۾ ڪئي ويندي