ھمايون شريف (ن پ ا) ھمايون شريف ڀرسان سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد شڪارپور_ جيڪب آباد قومي شاهراهه تي دوست واهه وٽ تيز رفتار موٽر سائيڪل مدرسي ۽ اسڪول جي ديوار سان ٽڪرائجي وئي، نتيجي ۾ ڳوٺ عطر چانڊيو جا رهواسي ھڪ ئي گھر جا ماءُ پٽ سميت 3 ڄڻا نور خان پٽ شفيع محمد چانڊيو، طارق پٽ بلاول چانڊيو ۽ مسمات گوهر خاتون زال بلاول چانڊيو ٿڏي تي فوت ٿي ويا، اطلاع تي مقامي ماڻهن ۽ وارثن پهچي فوتي ٽنهي ڄڻن جا لاش ايمبولينس ذريعي سول اسپتال سلطان ڪوٽ منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، هوڏانهن اسپتال ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب طارق چانڊيو ۽ سندس امڙ گوهرخاتون جو لاش ڊاٽسن وسيلي ڳوٺ عطرخان چانڊيو پهچايو ويو، فوتين جا لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، فوتين جي تدفين اڄ ڪئي ويندي.