ٺل (ن پ ا) ٺل شهر جي موسيٰ واهه ڪالوني ۾ هڪ سال جي ريما سرڪي ڌيءُ عرفان سرڪي ارڙي وگهي مقامي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، نينگري جي فوتگي بعد وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته شهر ۽ ڀرپاسي ڪيترائي ٻارڙا ارڙي مرض ۾ مبتلا آهن پر صحت کاتي سندن علاج لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن.