ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ جوابدار فائرنگ ڪري زال کي قتل ڪري ڇڏيو، ڪورنگي مان عورت جو تشدد ٿيل لاش به هٿ، ان ڏس ۾ بلديه جي جنگل اسڪول لڳ جمعه بازار وٽ گھر ۾ ٿيل فائرنگ جي نتيجي ۾ 35 ورهين جي ارم شهزادي زال حامد قتل ٿي وئي. پوليس موجب مقتوله کي سندس مڙس حامد گھريلو تڪرار تان فائرنگ ڪري قتل ڪيو، واردات بعد پنهنجا ٻار چاچي وٽ ڇڏي فرار ٿي ويو. ٻئي طرف ڪورنگي ڪراسنگ وٽ قيوم آباد بي ايريا واري علائقي ۾ ندي جي بند وٽان 28 سالن جي نامعلوم ناري جو تشدد ٿيل لاش مليو،