گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ٿاڻي جي حد ريلوي اسٽيشن ڀر سان درزڪي دڪان تي ڪم ڪندڙ 23 سال جي نوجوان سرفرزا پٺاڻ کي موٽرسائيڪل سوار ٻه هٿيار بند ڏينهن ڏٺي جو گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. وارثن شان پٺاڻ صافين کي ٻڌايو ته سرفراز ريلوي اسٽيشن ڀرسان درزڪي جي دڪان تي ويٺو هو ، ٻه موٽرسائيڪل سوار هٿياربند ڏينهن ڏٺي جو سرعام شهر ۾ اچي گوليون هڻڻ بعد فرار ٿي ويا آهن. نوجوان کي زخمي حالت ۾ کڻي گمبٽ گمس اسپتال جي رئپڊ رسپانس سينٽر ۾ پهچايو جتي نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي. جتان نوجوان جو پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. نوجوان جي وارثن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪنهن سان دشمني نه آهي پوليس جاچ ڪري نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي. هوڏانهن ايس ايچ او گمبٽ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوجوان سرفراز پٺاڻ پنهنجي درزڪي دڪان تي ڪپڙا سبي رهيو هو ته ٻه نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جيڪو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته ڪنهن سان به دشمني نه آهي. جيوفارنزڪ ڪرائي رهيا آهيون ۽ آسپاس لڳل سي سي ٽي وي فٽيجز جو جائزو به وٺي رهيا آهيون قتل جي ڪارڻ جي خبر ناهي ملي سگھي.جلد جوابدارن تائين پهچي گرفتار ڪيو ويندو ۽ مقتول نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو ويندو.