ڪراچي: نامياري صحافي وسعت الله خان چيو آهي ته اسان وٽ ھر مسئلي جو َعلاج موجود آھي پر ماڻهو شارٽ ڪٽ جي چڪر ۾ دوا بدران دعائن تي يقين رکن ٿا،   فيسٽيول  ۾ نامياري شاعر دادن ثقلين جي شاعري واري ڪتاب مٽي جا مڪتب تي ٿيل سيشن ۾ ڊاڪٽر شير مھراڻي ۽ فياض لطيف ويچار ونڊيندي چيو ته جيڪا شاعري روح کي گرمائي ۽ نرمائي نٿي، انھي شاعري جو ڪو فائدو ناھي، ڪتاب جي ليکڪ ۽ شاعر دادن ثقلين لاشاري چيو ته شروع ۾ شاعري دوران بابا کان ڊڄندو ھئس. انھي ڪري ثقلين لاشاري جي تخلص سان لکندو ھئس. فيسٽيول ۾ هلندڙ سال دوران وڇڙي ويل ليکڪن ضياءَ محي الدين، امجداسلام امجد ۽ امداد حسيني تي پڻ مقررين ويچار ونڊي کين خراج تحسين پيش ڪيو  ڪالھ  مجموعي طور 15 کان وڌيڪ سيشن ٿيا.