لاهور (م ڊ) ق ليگ اڳواڻ مونس الاهي  تصديق ڪندي چيو آهي ته نيب قانون  ۾ جيڪي ترميمون ڪيون ويون آهن، اهي عمران خان به ڪرائڻ پئي چاهيون. شهبازشريف ناڪام ٿي چڪو آهي، شريف ڀائرن سدائين پاڪستان جو ٻيڙو غرق ڪيو، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسانجو فوڪس پنجاب آهي، ڊپٽي اسپيڪر جو ڪردار تڏهن ايندو آهي، جڏهن اسپيڪر نه هجي،  هن چيو ته عمران دور ۾ اسان عدالتن ۾ وياسين، عدالتن رليف ڏنو، ايف آءِ اي تقريبن 40 سوال ڪيا، انهن سمورن سوالن جا جواب ڏنا، ايف آءِ اي وارا سوال پڇي رهيا هئا، مون جاچ آفيسرن کي چيو ته اوهان کي جيڪڏهن منهنجو آواز يا اردو سمجهه ۾ نٿي اچي ته انگريزي ۾ سوال پڇو. هڪ سوال تي مونس الاهي چيو ته شجاعت صاحب سان تعلق والد کان وڌيڪ آهي، گهر ۾ منهنجي لاءِ صرف چوڌري شجاعت صاحب ئي آهي، ان سان ملي پوءِ گهر مان نڪرندو آهيان، رانا ثناءُ الله قانون ناهي پڙهندو، هن کي جيڪي قلم لڳائڻا آهن، لڳائي.