نيويارڪ(دلچسپ نيوز) موبائل فون ٺاهيندڙ مشهور ڪمپني نوڪيا پنهنجي 20 سالگرهه جي موقعي تي واهپيدارن کي سرپرائيز ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو.پرڏيهي خابرو اداري موجب نوڪيا پنهنجي مشهور ترين موبائل فونز مان هڪ 6310 کي ٻيهر لانچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.رپورٽ موجب نوڪيا جي مشهور موبائل 6310 موبائل انهيءَ طرز ۽ بناوٽ سان لانچ ڪيو ويندو جنهن سبب اهو مشهور هو.ان سان گڏ موبائل فونز ۾ 90 جي ڏهاڪي جون مشهور گيمز جن سنيڪ ۽ دي بريڪ به موجود هونديون.رپورٽ موجب موبائل فون ۾ جديد ٽيڪنالوجي کي ڪتب آڻڻ لاءِ مختلف تبديليون ڪيون آهن، ان جي ڊسپلي کي بهتر بڻايو ويو آهي.رپورٽ موجب موبال جي شروعاتي قيمت 59.99 پائونڊ يعني 14 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ رکي وئي آهي ۽ اها جلد مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ موجود هوندي.