ٽوڪيو(دلچسپ نيوز) جاپاني ڪمپني روبوٽس لاءِ ڪپڙا تيار ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب راڪٽ روڊ برانڊ پاران روبوٽس لاءِ سٺا ۽ مهانگا ڪپڙا ٺاهيا پيا وڃن، ڪمپني روبوٽس لاءِ پنهنجي پهرين انوکي ڪليڪشن جواعلان گذريل مهيني ڪيوهو. ان حوالي سان ڪمپني جي ترجمان جو چوڻ هو ته روبوٽس لاءِ خاص ڪپڙا 40 مختلف رنگن ۾ فراهم ڪيا ويندا، جڏهن ته انهن کي ڌوڙ کان بچائڻ، اينٽي بيڪٽيريل، پاڻي ۽ گرمي کان بچڻ واري مواد سان تيار ڪيو پيو وڃي، ترجمان ٻڌايو ته روبوٽس لاءِ ڪپڙا تيار ڪرڻ جو مقصد اانهن کي ٿوري شخصيت فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته اهو انتهائي وڏو ڪم آهي ڇاڪاڻ ته ان سان اسان ماڻهن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهون ٿا.