استنبول(دلچسپ نيوز) ترڪ عورت دنيا جي ڊگهي عورت جو عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب 24 ورهين جي روميسا جو قد 7 فوٽ 7 انچ رڪارڊ ڪيو ويو. عورت کي قد وڌڻ واري بيماري ويور سنڊروم آهي جنهن سبب سندس قد تيزي سان وڌي رهيو آهي، روميسا 2014 ۾ قد آور ٽين ايجر جو رڪارڊ به جوڙي چڪي آهي.