رياض(دلچسپ نيوز) مڙس عيادت لاءِ اسپتال اچڻ تي زال کي طلاق ڏئي ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سعودي عرب ۾ هڪ همراهه ٽئين شادي لاءِ زال سان رازداري جو شرط رکيو هو،شادي جي ڪجهه عرصي بعد ئي هو بيمار ٿي پيو جنهن سبب کيس اسپتال داخل ڪيو ويو جڏهن ته سندس ٽئين زال سندس عيادت ڪرڻ لاءِ اسپتال پهچي وئي زال جي پهچڻ تي راز فاش ٿي پيو ڇاڪاڻ ته همراهه جون 2 زالون اڳ ۾ ئي اسپتال ۾ موجود هيون جن ٽئين زال کي ڏٺو ته ڪاوڙجي پيون جنهن بعد همراهه ٽئين زال کي راز رکڻ وارو شرط ٽوڙڻ تي طلاق ڏئي ڇڏي.